تاريخ اندلس

تاريخ اندلس (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پروفيسر لطف اللهبدوي‘ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ اندلس جي سر زمين جي تاريخ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ اندلس تي مسلمانن جي هڪ هزار سال حڪومت، اتي جي مسلمانن سان پيش آيل عبرتناڪ واقعن ۽ مسلمانن جي حڪومت جي خاتمي جا سبب بيان ڪيا آهن. هيءُ ڪتاب رنگين ٽائيٽل سان 326 صفحن تي مشتمل آهي. جيڪو آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس پاران بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد مان 1955ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو